توگو ٺِڪر

توگو ٺِڪر

توگو ٺڪر

توگو ٺِڪر (Togau ware ):هي ٺڪر توگو دڙي تان لڌو ويو هو، جيڪو ڇپار ماٿري، بلوچستان ۾ توگو ڳوٺڙي کان اڌ ميل اوڀر ۾ ۽ حاجي شهر کان ٻه ميل ڏکڻ-اولهه ۾ آهي. 1957ع ڌاري هن دڙي تي ڪنهن بيل گاڏيءَ ذريعي مک ڪوئٽا رستي سان قلات کان 3 ميل اتر طرف وڃڻ سان پهچي سگهبو هو. اتان ئي هڪ رستو نڪتو ٿي، جيڪو مالڪي ۽ زيارت ڏانهن ويو ٿي. دڙو شڪل ۾ بي ڊولو آهي، جيڪو هڪ ٽڪري جي پاڙ وٽ آهي. هي ماڳ قلات جي اتر-اولهه ۾ 12 ميلن جي فاصلي تي آهي. هتان ملندڙ ٺڪر کي ماڳ جي نالي جي نسبت سان ”توگو ٺڪر“ جو نالو پيو. هي ٺڪر جو نمونو پنهنجي چٽن ۽ ٻين رنگن سبب ٻين ٺڪرن کان مختلف آهي، هن جو خاص اهڃاڻ جانورن جي سڱن جي ٿيل چٽ جو سلسلو آهي، جيڪو هن کي ٻين ٺڪر جي نمونن کان الڳ ڪري بيهاري ٿو. هن سان ملندڙ ٺڪر ٻين ماڳن تان به مليو آهي، جيڪي بلوچستان ۾ آهن، پر ايران جي ماڳ گهار (Gar) منڊيگاڪ، (افغانستان)، ڇُٽي جي ڪنڊ (سنڌ) وغيره تان لڌو آهي. هي ٺڪر بلوچستان جي گورپٽ ماڳ تان به مليو آهي، پر ڪلي گل محمد ٺڪر سان گڏ جهجهي تعداد ۾ مليو آهي. ان کانسواءِ انجيرا جي ٻئي دور مان به خاصي تعداد ۾ هي ٺڪر ملي ٿو.
هي ٺڪر چڱو سخت، بنا ٻاٽ (Grits) جي، سٺو پڪل آهي، جيڪڏهن آڱر جي ننهن سان وڄائجي ته سٺو آواز ڏئي ٿو، لڪير سنهي، سهڻي، رنگ وٽڙڻ جهڙو ڪونه آهي. ٺڪر ڀوري ڳاڙهي رنگ ٿيڻ تائين پچايو وڃي ٿو، پر ڪلي گل محمد واري ٺڪراٺي کان ڪجهه نارنگي رنگ ڏي مائل آهي. ٿانون جا نمونا مخصوص مليا آهن. انهن ۾ عام طور پيالا آهن، جيڪي گهڻو ڪري سڌي تري سان آهن، جن جون ڀتيون تڪڙو مڙي لاهي نموني ٿي مٿي وڃن ٿيون. پيالن جي جسامت هڪ جيتري ڪا نه آهي. اهي 12.5 سينٽي ميٽر کان 24 سينٽي ميٽر قطر جا آهن. انهن پيالن کي تري جي هيٺيان ننڍڙي گول ڪڙي (Ring) آهي. هي ٺڪر چئن مرحلن ۾ ورهايل آهي.
مرحلو الف: هي توگو ٺڪر جو اوائلي مرحلو آهي، جنهن ۾ اڪيلي قطار ۾ هلندڙ جانور يا پکي چٽيل آهن ۽ ڪن چٽن ۾ انساني مورتين جا چٽ به آهن. اهي دَهي (Shadow) جهڙيون چٽيل مورتيون، جن جو منهن کاٻي پاسي هجي ٿو، سي هلڪي نارنگي ڳاڙهي پوچي تي ڪاري رنگ سان چٽيل آهن ۽ اڪثر ڪري لوٿڙي وانگر (Steak) اجريل، سينگاريل نقشن جي مٿان آهن.
مرحلو ب: هن مرحلي ۾ جانورن جي ڳچي، مٿو ۽ سڱ اندر دٻايل (Supprets) نموني چٽيل آهن.
مرحلو ث: هن مرحلي ۾ مٿا ۽ سڱ مختصر نموني، هڪ جهالر وانگر ابتي نموني ساڄي پاسي ٺهيل آهن.
مرحلو د: هن مرحلي ۾ جيڪو چٽن جو سلسلو ملي ٿو، اهو بي ڌياني سان ٺهيل آنڪڙي يا ڪنڊي (Hook) نموني جو، جيڪو ڄڻ سوال جي نشاني (؟) وانگر ٺهيل آهي.
بهرحال سڱن جو چٽيل سلسلو هن ٺڪر جي سينگار جي خاص سڃاڻپ آهي، جيڪو اڪيلي سڱن جي قطار، کليل پيالن جي ڪنن جي اندران چٽن جي صورت ۾ ملي ٿي. انهن سڱن جي مٿان ڏاڪڻ/ زيني (Ladder) وانگر پٽا ۽ پيچدار جُهوڙا (Tassel) چٽيل آهن ۽ ان کانسواءِ ٺڪر تي ٽهائيون (Triple) پٽا، پيچدار جهوڙن جي مٿان به ملن ٿا.
پور وڇوٽ لڪيرون، سڱن جي قطار کان پوءِ ٻئي نمبر تي، هن ٺڪر جي خاص سڃاڻپ آهي. اڪيليون هم مرڪزي ليڪون پيالي جي چوڌاري ملن ٿيون، پر اڪيليون ۽ ٻهاٽيون (Double) ۽ ٽهاٽيون ليڪون به اندران ٻاهران، ۽ ڪن حالتن ۾ ته ان قسم جون ليڪون ٿانون جي مٿاڇري تي ڇانيل نظر اچن ٿيون. ان قسم جو چٽ هر دور ۾ مقبول نظر اچي ٿو. اڪيلي سوڙهي زيني نموني پٽي، ڪڏهن ڪڏهن جانورن جي اڀريل چٽ (Freez) ۾ بال يا کينهوڙو وانگر نظر ايندو آهي، جيڪو پيالي جي اندران تري وٽ چٽيل آهي. ڪٿي ڪٿي پٽي کي وَڍُ يا ٽڪو نظر اچي ٿو، ان قسم جو چٽ شروعاتي ٻه رنگي ٺڪر ۽ آمري واري ڪاري تي ميٽوڙي ٺڪر سان ميل کائي ٿو .


لفظ توگو ٺڪرھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو